ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان

ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان

عبدالقدير خان افغان ڊاڪٽر

عبدالقدير خان افغان، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان ولد قادر داد خان افغان جو جنم 22 جولاءِ 1926ع تي ڳوٺ قاضي واهڻ تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي. انجنيئرنگ NED انجنيئرنگ ڪاليج مان 1951ع ۾ پاس ڪري نوڪري ڪيائين، پر جلد ئي ولايت هليو ويو. امپيريل ڪاليج لنڊن مان 1958ع ۾ سئائل مڪينڪس ۾ Ph.D ڪري ڪجهه وقت لاءِ سنڌ واپس آيو. هتي اچي انجنيئر ٿيو. 1961ع کان 1963ع تائين لنڊن ۾ ڊولپمينٽ انجنيئر ٿيـو. بعد ۾ بـغـداد گـورنميـنٽ جـو انجنيـئرنگ ائـڊوائيـزر ۽ بغداد يونيورسٽيءَ ۾ 1965ع تائين پروفيسر رهيو. 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪاليج جي اڏاوت ۽ انتظامي ۽ شاگردن جي معاملات ۽ بهبوديءَ لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿيو. ترت ڪاليج، سنڌ يونيورسٽيءَ سان منسلڪ ٿي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ٿيو. پاڻ 1966ع ۾ مهراڻ ڪاليج ڄامشوري جو پرنسپال ٿيو. ان دوران مٿس ڪرپشن جو الزام لڳو، جنهن الزام ۾ ڪجهه عرصو جيل پڻ ويو. آزاد ٿيڻ بعد ساڳئي عهدي تي کيس بحال ڪيو ويو. بعد ۾ کانئس استعيفا ورتي وئي.
ڊاڪٽر افغان اسلام آباد ۾ ڪجهه وقت OSD رهيو ۽ پوءِ ٿوري وقت لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. مارش لا دور ۾ کيس هڪ دفعو وري سروس ٽربيونل جو ميمبر بنايو ويو. پر جلد ئي کيس جبري رٽائر ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج کي سنواڻ سڌارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ابتدائي ڪاغذي ڪاروائيءَ جو خاڪو تيار ڪيائين. هڪ پروگرام تحت نوجوان استادن کي هر سال وڏي تعداد ۾ ٻاهر اعلى تعليم لاءِ همٿائي موڪلي، هن پنهنجي عظيم مشن جي تڪميل ڪئي. هن 9 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.07.22  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان ولد قادر داد خان افغان جو جنم 22 جولاءِ 1926ع تي ڳوٺ قاضي واهڻ تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.


1991.04.09  عيسوي

عبدالقدير خان 9 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختيار علي خشڪ
جگجيت سنگهه
شفيع محمد ميان حڪيم
جيسينه جئه سينه
ارجن داس
انيلا ابڙو 2
خانبهار احمد خان ڀٽو
رائچند هريجن
شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
امين کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون